رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم جن سان محبت

203

مولانا امبر الدبن مہر
حضرت انس رضي الله تعالى عنه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺجن مون کي فرمايو: “منهنجا پٽڙا! جيڪڏهن تون اهڙي طرح زندگي گذاري سگهين جو تنهنجي دل ۾ ڪنهن لاءِ کوٽ نه هجي ته ائين ڪر” پوءِ فرمايائون “اها ئي منهنجي سنت آهي جو منهنجي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ کوٽ نه آهي) ۽ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ته بيشڪ مون سان محبت ڪيائين ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي سو مون سان گڏ بهشت ۾ هوندو.” (صحيح مسلم) حضرت عبد الرحمن بن ابي قراررضي الله تعالى عنه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول اللهﷺجن وضو ڪيو ته اصحاب سڳورا وضو جو پاڻي کڻي پنهنجي چهرن تي ملڻ لڳا، پاڻ سڳورن پڇيوته ائين ڇو ٿا ڪريو؟ چيائون ته الله ۽ سندس رسول سان محبت جي ڪري فرمايائون: جن ماڻهن کي هن ڳالهه تي خوشي ٿئي ته الله ۽ سندس رسول الله ﷺسان کين محبت آهي يا الله ۽ رسول ﷺساڻن محبت ڪن ته انهن کي گهرجي ته جڏهن ڪا ڳالهه ڪن ته سچ ڳالهائين ۽ جڏهن وٽن ڪا امانت رکي وڃي ته اها (حفاظت سان) مالڪ جي حوالي ڪن ۽ پاڙيسرين سان سهڻوسلوڪ ڪن. (مشڪواة)
سمجهاڻي: هي واقعو صلح حديبيه جي موقعي جو آهي جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن وضو ڪندا هئا ته اصحاب سڳورا پاڻ سڳورن جي وضو واري پاڻي ۽ هيٺ ڪرنڌڙ ڦڙن کي جهٽي سندن منهن ۽ هٿن تي مليندا هئا ۽ ان جو ڪارڻ پاڻ ڪريمن ﷺ جن سان محبت هو. حضور ﷺ جن جي وضو جو پاڻي منهن تي ملڻ جيتوڻيڪ ساڻن محبت جي ڪري هو پاڻ سڳورن ﷺجن ٻڌايو ته محبت جو مقام ان کان مٿاهون آهي، اهو هي آهي ته الله ۽ سندس رسول الله ﷺ جيڪي حڪم ڏنا آهن تن تي عمل ڪجي. حضور پاڪ ﷺ جن جنهن دين کي پکيڙڻ ۽ قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ڪوشش ڪندا رهيا، ان دين کي پنهنجي حياتيءَ جو نظام بڻائجي، رسول الله ﷺ جن جي تابعداري ته محبت رسول الله ﷺ جو اعلى مقام آهي ان سان ئي حضور ﷺ جن خوش ٿين ٿا.
حضرت عبد الله بن مغفل رضي الله تعالى عنه کان روايت آهي ته هڪ ماڻهو رسو الله ﷺ جن وٽ آيو ۽ چيائين ته آئون اوهان سان محبت ڪريان ٿو، پاڻ فرمايائون: جيڪا ڳالهه چوين ٿوان تي ويچارڪر، هن شخص ٽي ڀيرا چيو ته آئون توهان سان يقينا محبت رکان ٿو. حصور اڪرم ﷺ جن فرمايو: جيڪڏهن تون پنهنجي ڳالهه ۾ سچو آهين ته سچائي انهن ڏانهن ان ٻوڏ کان (جيڪا لاهي ڏانهن ايندي آهي) به وڌيڪ تيزي سان ڪاهي ايندي آهي. ڪنهن سان محبت ڪرڻ ۽ کيس محبوب بنائڻ جو مطلب هي آهي ته ان جي پسند بنايو وڃي. محبوب جنهن رستي تي هلي، تنهن کي پنهنجي زندگيءَ جو رستو مقرر ڪجي، ان جي خوشي، رضا ۽ محبت لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ۽ قرباني لاءِ تيار رهي. حضور پاڪ ﷺ جن سان محبت ڪرڻ جو مطلب آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جو هڪ هڪ ڪم ۽ هڪ هڪ نقش قدم معلوم ڪيو وڃي. پوءِ ان تي هلڻ جو فيصلو ڪري سڄي زندگي هلندو رهي. پاڻ سڳورا ﷺ واٽ تي هليا آهن، ان ۾ تڪليفون به آهن، محنت ۽ مشقت به آهي. غارحرا، احد، بدر ۽ طائف به آهي ته حنين جو ميدان به آهي. اهڙين منزلن مان گذرڻ جي تياري ڪري، جيڪي ماڻهو پاڻ سڳورن ﷺ سان سچي محبت ڪندا آهن تن کي حرام ڪمايون، ناجائز آمدنيون ۽ رشوتون ڇڏڻ ڪري معاشي تنگي ايندي، ان لاءِ به تيار رهڻ گهرجي.