راءِ جي آزادي

212

هن دستور جو ٽيون اصول هي هو ته ماڻهن کي راءِ ڏيڻ جي آزادي هجي. امر بالمعروف ونهي عن المنڪر کي اسلام هر مسلمان لاءِ حق ئي نه بلڪه فرض قرار ڏنو هو. اسلامي معاشري ۽ حڪومت جي صحيح رستي تي هلڻ جو دارو مدار انهيءَ ڳالهه تي هو ته ماڻهن جا ضمير ۽ زبانون آزاد هيون، اهي هر غلط ڪم تي وڏي کان وڏي ماڻهو کي ٽوڪي سگهن پيا ۽ حق ڳالهه بغير ڪيٻائڻ جي چئي پئي سگهيا. خلافت راشده جي وقت ۾ فقط اهو ئي نه ته ماڻهن جو هي حق ڀليءَ ڀت محفوظ هو، بلڪه خلفاءِ راشدين انهيءَ کي پنهنجو فرض سمجهندا هئا ۽ اهو فرض ادا ڪرڻ ۾ انهن جي همت افزائي ڪندا هئا. انهن جي مجلس شورى جي ميمبرن کي ئي نه پر قوم جي هر شخص کي روڪڻ ٽوڪڻ ۽ خود خليفي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي. جنهن جي استعمال تي ماڻهو داٻ دڙڪي ۽ ڌمڪي سان نه بلڪه داد ۽ شاباس سان نوازيو ويندو هو. هيءَ آزادي انهن جي طرفان ڪو عطيو ۽ بخشش نه هئي جنهن جي لاءِ هو قوم تي پنهنجو احسان جتائن. بلڪه اهو اسلام جو عطا ڪيل هڪ دستوري حق هو جنهن جو احترام ڪرڻ، هو پنهنجو فرض سمجهندا هئا ۽ انهيءَ کي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ هر مسلمان تي الله تعالى ۽ محمد رسولﷺ جو مقرر ڪيل هڪ فريضو هو، جنهن جي ادائيگيءَ لاءِ معاشري ۽ حڪومت جي فضا کي هر وقت سازگار رکڻ انهن جي نگاهه ۾ خلافت جي فرض جو هڪ حصو هو. پر بادشاهي دور جو آغاز ٿيندي ئي ضميرن تي قفل چاڙهيا ويا ۽ وات بند ڪيا ويا. هاڻي قائدو هي ٿي ويو جو وات کوليو ته تعريف ۾ کوليو، نه ته چپ رهو ۽ جيڪڏهن توهانجو ضمير اهڙو زور آور آهي جو حق گوئيءَ کانسواءِ توهان نه ٿا رهي سگهو ته پوءِ قيد يا قتل لاءِ تيار ٿي وڃو. اها پاليسي مسلمانن کي آهستي آهستي بي همت، بزدل ۽ مصلحت پسند بڻائيندي وئي.پاڻ کي خطري ۾ وجهي سچي ڳالهه چوڻ وارا انهن ۾ گهٽ کان گهٽ ٿيندا ويا. خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جي قيمت مارڪيٽ ۾ چڙهندي ۽ حق پرستيءَ ۽ سنئين واٽ جي قيمت لهندي پئي وئي. اعلى قابليت رکڻ وارا ايماندار ۽ آزاد خيال ماڻهو حڪومت کان بي تعلق ٿيندا ويا ۽ عوام جو حال هي ٿي ويو جو ڪنهن شاهي خاندان جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ انهن جي دلين ۾ ڪوئي جذبو باقي نه رهيو. هڪ کي هٽائڻ لاءِ جڏهن ٻيو آيو ته انهن بچاءُ ۾ آڱر به نه چوري ۽ ڪِرڻ وارو جڏهن ڪريو ته انهن هڪ لت ٻي به هڻي انهيءَ کي وڌيڪ وڏي کڏ ۾ اڇلايو. حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهيون، پر ماڻهن تماشائي کان مٿي انهيءَ آمدورفت جي منظر ۾ ڪائي دلچسپي نه ورتي.