انساني بادشاهيءَ جي شروعات

182

سيد ابو الاعلى مودودي رحمة الله عليه

اسلامي رياست جي پهرين صفت هيءَ هئي ته انهيءَ ۾ صرف زبان سان ئي هي نه چيو ويندو هو پر سچيءَ دل سان اهو مڃيو به ويندو هو ۽ عملي رويي مان انهيءَ عقيدي ۽ يقين جو مڪمل ثبوت به ڏنو ويندو هو ته ملڪ الله جو آهي. عوام الله جي رعيت آهن ۽ حڪومت انهيءَ رعيت جي معاملي ۾ رب جي آڏو جوابده آهي. حڪومت انهيءَ رعيت جي مالڪ نه آهي ۽ نه ئي رعيت سندس غلام آهي. حڪمرانن جو ڪم سڀ کان پهريون پنهنجي ڳچيءَ ۾ الله جي بندگيءَ ۽ غلاميءَ جو ڳٽ وجهڻ آهي، پوءِ سندس ذميواري آهي ته رب جي رعيت تي انهيءَ جو قانون نافذ ڪن. پر يزيد جي ولي عهد ٿيڻ سان جنهن انساني بادشاهي جو مسلمانن ۾ آغاز ٿيو، انهيءَ ۾ الله جي بادشاهيءَ جو تصور فقط زباني اعتراف تائين محدود ٿي ويو. عملي طرح انهيءَ اهو ئي نظريو اختيار ڪيو جيڪو هميشه جيان هر انساني بادشاهي جو رهيو آهي، يعني ملڪ بادشاهه ۽ شاهي خاندان جو آهي ۽ هو رعيت جي جان، مال، عزت آبرو، هر شيءِ جو مالڪ آهي. الله جو قانون انهن بادشاهتن ۾ نافذ ٿيو به ته فقط عوام تي ئي ٿيو، بادشاهه، سندس خاندان ۽ بااثر سگهارا ۽ حڪومت جا ماڻهو انهيءَ کان مٿانهان ئي رهيا.
امر بالمعروف ونهي عن المنڪر ۾ رڪاوٽ:
اسلامي حڪومت جو مقصد الله جي زمين تي انهن نيڪين کي قائم ڪرڻ ۽ واڌارو ڪرڻ هو، جيڪي رب کي محبوب آهن ۽ انهن برائين کي دٻائڻ ۽ مٽائڻ هو، جيڪي الله تعالى کي اڻ وڻندڙ آهن. پر انساني بادشاهت جو رستو وٺڻ کانپوءِ حڪومت جو مقصد ملڪ فتح ڪرڻ ۽ ماڻهن کي غلام بڻائڻ، مٿن محصول ٽيڪس مڙڻ، ڏن اوڳاڙڻا ۽ دنيا جي عياشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هو. الله تعالى جو ڪلمو بلند ڪرڻ جي خدمت بادشاهن گهٽ ئي تڏهن ڪئي. انهن جي هٿان ۽ انهن جي وزيرن سفيرن ۽ آفيسرن ۽ درٻارين جي هٿان پڻ چڱايون گهٽ ۽ برايون وڌيڪ پکڙيون. نيڪين جي واڌاري ۽ بدين کي بند ڪرڻ ۽ دين جي اشاعت ۽ اسلامي علمن جي تحقيق ۽ تدوين جي لاءِ جن الله جي ٻانهن ڪم ڪيو، انهن کي حڪومت طرفان مدد ملڻ ته ٺهيو اُبتو اهي اڪثر حڪمرانن جي ظلم جو نشانو بڻيا. انهي رڪاوٽن جي باوجود به الله وارن پنهنجو ڪم جاري رکيو. انهن ڪوششن جي ابتڙ حڪومتن ۽ انهن جي آفيسرن ۽ نگهبانن جي زندگين ۽ پاليسين جا اثر مسلم معاشري کي اخلاقي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيندا رهيا. حد ته هيءَ آهي جو انهن ماڻهن پنهنجي فائدي لاءِ اسلام جي اشاعت ۾ رڪاوٽون وجهڻ کان به نه ڪيٻايو، جنهن جو بڇڙو مثال بنو اُميه جي حڪومت ۾ نون مسلمانن تي ڏن مڙهڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. اسلامي حڪومت جو روح تقوى، خدا ترسي ۽ پرهيزگاريءَ جو روح هو، جنهن جو سڀ کان وڏو مثال خود حڪمران هوندو هو. حڪومت جا ڪامورا، قاضي يعني جج ۽ سپه سالار سڀئي انهيءَ جذبي سان ٽمٽار هوندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ جذبي سان ئي پوري معاشري کي سرشار ڪندا هئا. پر بادشاهيءَ جو دڳ وٺندي ئي مسلمانن جي حڪومتن ۽ انهن جي حڪمرانن قيصر ۽ ڪسرى جهڙا رنگ، ڍنگ ۽ ٺٺ ٺانگر اختيار ڪيا. انصاف جي جاءِ تي ظلم جو زور وڌي ويو. پرهيزگاريءَ جي جڳهه تي فسق وفجور، راڳ رنگ ۽ عيش عشرت جو دور هلي پيو. حلال ۽ حرام جو فرق، حڪمرانن جي سيرت ۽ ڪردار مان نڪري ويو. سياست جو رشتو اخلاق کان ڇڄندو ويو. الله کان پاڻ ڊڄڻ بجاءِ حڪمرانن الله جي ٻانهن کي پنهنجو پاڻ کان ڏڪائڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ايمان ضمير کي بيدار ڪرڻ بدران انهن کي پنهنجي انعامن جي لالچ سان خريدڻ لڳا.